مير فتح علي شاه

a a

۽ اسان قرآن کي سمجهڻ لاءِ آسان ڪيو آهي ته پوءِ ڪو آهي جيڪو سمجهي

 
مير فتح علي شاه
مير فتح علي شاه جي باري ۾
a ڦوٽو گيلري
a گيسٽ بڪ
a رابطو ڪريو
a فيس بڪ تي ملاقات لاءِ
 
Facebook
Mir Fateh Ali Shah
Islamic Preaching
Aayat of the Day
Teachings of Prophet Muhammad PBUH
   
قرآن پاڪ ڊائون لوڊ ڪريو
صحيح حديث ڊائون لوڊ ڪريو
ڊيسڪٽاپ گهڙي ڊائون لوڊ ڪريو
 
ڏسو اسلامڪ ٽي وي
 
 
 
a
 
Select Your Language
a مصنف: Mir Fateh Ali Shah | مترجم :- None  
 
Share

جنهن دل پيتا عشق دا جام

  a
اشاعت جي تاريخ 27th march 2012
 

رسمي عبادتن ۽ تلاوتن مان بيزار 1829 ع ۾ راڻي پور جو عظيم شهزادو جنهن جي سرمستي اڄ به هزارين عقيدت مندن جي روح رهاڻ آهي پاڻ راڻي پور ۾ آرامي آهن ، سندن تمام زندگي حق سچ جي تلقين ڪندي گذري .
بچپن کان سندن نالو خوب ٻڌل هيو اسڪول ۾ به حضرت سچل سرمست رح جي باري ۾ پڙهايو ويندو هو ليڪن ٻاراڻي وهي ۾ ڪڏهن به سندن ڳريل ڳالهين کي سمجهڻ جي تڪليف نه ڪئي سون ۽ اهو به ڄاڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي ته آخر سندن آرامگاه ڪهڙي طرف آهي.


17 مارچ 2012


پنهنجي پياري دوست سجاد علي جلباڻي جي شادي تي ويندي جيئن ئي راڻي پور کان لنگهياسين ته اچانڪ منهنجون نگاهون سندن مزار ڏانهن ويندڙ رستي تي ٺهيل دروازي جي زيارت کان فيضياب ٿيون ، حيرت جي انتها هئي جهنهن بزرگ جو صرف نالوئي ٻڌو هو سو ائين اچانڪ اڳيان هوندو خواب و خيال ۾ به نه هيو ، هم سفر ساٿين کي گذارش ڪيم ته سڀاڻي واپسي ۾ هتي بيهڪ ڏبي . الحمد لله سڀن دوستن خوشمزاجي جو اظهار ڪيو .
18 مارچ ٻه پهرن جو سندن مزار جي احاطي ۾ داخل ٿياسون اندر ساڄي پاسي هڪ ٻارڙو ڪتابون وڪرو ڪري رهيو هو سندس ساڄي پاسي وڻ هيٺان وضو خاني تي پهچي وضو ڪري فارغ ٿيس ته زبير احمد بگٽي وڻ جي ڀر ۾ لڳل عَلم جي طرف اشارو ڪندي ٻڌايو ته هن جي هڪ ڪرامت مشهور آهي جيڪا هن وقت ياد نه پئي اچي ، زبير منهنجي دلچسپي ته يقينن وڌائي پر انتظار اڃان تائين زنده آهي کيس نه ته ڪرامت ياد آئي ۽ نه ئي مان آگاه ٿيس . .... J


زبير احمد انکان پهرين به اتي اچي چڪو هو تنهن ڪري هو مسلسل منهنجي رهنمائي ڪندو ٿي هليو مزار شريف جي اڱڻ تي چڙهڻ وقت کٻي هٿ تي محفلِ سماع هال تعمير ٿيل هو جنهن جي سامهون واري ديوار تي وڏن ۽ سهڻ اکرن ۾ هي شعر ڪتب ٿيل هو.


جنهن دل پيتا عشق دا جام سا دل مستون مست مدام


درحقيقت سچل سرمست جي تمام شخصيت انهيءَ شعر جو عملي روپ هئي پاڻ سراپا عشق هئا سندن شعر نقطه قلبي جي سرمستي ۽ وجدان ڏانهن اشارو ڪندي سندن عقيدت مندن کي ان راز کان آگاه ڪري ٿو جنهن سچل کي سرمست ڪري ڇڏيو .
انسان جي اندر ست مختلف روحاني مرڪز آهن جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ نقطه قلبي اهميت جو حامل آهي هي اهو مرڪز آهي جيڪو بندي کي رب سان جوڙي ٿو بندي کي تمام تر هدايت انهيءَ جي ذريعي عطا ڪئي ويندي آهي . الله جا نيڪ ٻانها انهيءَ مرڪز جي رهنمائي ذريعي وڏيون وڏيون منزلون ماڻيندا رهيا آهن . هڪ حديث پاڪ جي مفهوم تحت جڏهن نبي پاڪ ﷺ کان گناه بابت پڇيو ويو ته پاڻ ڪريمن ﷺ انهيءَ نڪتي طرف اشارو ڪندي فرمايو ته جيڪا توهانجي دل ۾ کٽڪي تنهن کي ڇڏي ڏيو. ۽ انهيءَ نقطي جو قرآن پاڪ ۾ به تمام گهڻو ذڪر موجود آهي جنهن کي قلب ڪوٺيو ويو آهي ، جڏهن به ڪو انسان پنهنجي سرڪشي ۾ حد کان لنگهي ويندو آهي اهڙي انسان لاءِ قرآن پاڪ ۾ ارشاد ٿيو


ختم الله على قلوبهم


الله انهن جي قلوب ( قلب جي جمع ) کي مهر هڻي ڇڏي . ٻين لفظن ۾ خدا انهن جي نقطه قلبي کي بند ڪري ڇڏيو ( Deactivate ) ڪري ڇڏيو ، تنهن ڪري انهن لاءِ هاڻي هدايت جا دروازا بند ٿي ويا .
ليڪن اگر ڪو ڀلي ڀاڳ وارو پنهنجي ان نقطي کي سچل سرمست وانگيان عشق جي جام سان لبريز ڪري ڇڏيو ته ڪو شڪ ناهي جو هوءَ روحانيت جي ان عظيم بلندين کي ماڻيندو جنهن جو گمان به کيس ڪڏهن نه گذريو هوندو .


واپس موضوع جي طرف
مزار شريف اندر داخل ٿياسون جتي هڪ کان وڌيڪ قبرون موجود هيون جنهن جي تعداد منهنجي علم ۾ ناهي مزار شريف کان ٻاهر اچي ڪتابون ڏٺيون سون ۽ پوءِ وري پنهنجي سفر تي نڪري وياسين .

  
    Share this page Post To MySpace! Share To FriendFeed
a ساڳيو مضمون ٻين زبانن ۾
 
a sindhi
 
 
 
a ساڳئين موضوع تي وڌيڪ ڄاڻ
a Videos
a Articles
 
a Video not Available
a جڏهن مان مديني ويس
a جنهن دل پيتا عشق دا جام
a اسلامي دنيا جو اڏورو خواب
a ڪعبة الله جي زيارت
 
 
a توهانجي رائي
 
  نئون مضمون a
ڪعبة الله جي زيارت

چار هزار سال قبل اگر توهان موجوده ڪعبة الله شريف جي جڳهه تي نظر ڊوڙائيندا ته اتي سواءِ ننڍڙي دڙي جي ڪجهه به نه هو جيڪو پاڻي جي وهڪري جي سبب اڀري آيو

  سنڌي زبان ۾ ٻيا مضمون
ڪعبة الله جي زيارت
اسلامي دنيا جو اڏورو خواب
جنهن دل پيتا عشق دا جام
اعتڪاف لاء ضروري هدايتون
خدا جو تصور ڪٿان آيو؟
اسلام ڇا آهي؟
اي سنڌي نوجوانو
اوچو وه اوڀار
اچو قرآن جي طرف
امن جو رستو
قرآن کي سمجهڻ جو آسان طريقو
فرقيواريت جو انجام
فرقه پرستي کي روڪيو
يقين جي حقيقت
گونگن جي ڪچهري
اسلام جو آغاز ۽ هاڻوڪو زوال
جڏهن مان مديني ويس
پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي ياد ۾
سر الطاف شيخ سان ملاقات
 
 
   
web counter