مير فتح علي شاه

a a

۽ اسان قرآن کي سمجهڻ لاءِ آسان ڪيو آهي ته پوءِ ڪو آهي جيڪو سمجهي

 
مير فتح علي شاه
مير فتح علي شاه جي باري ۾
a ڦوٽو گيلري
a گيسٽ بڪ
a رابطو ڪريو
a فيس بڪ تي ملاقات لاءِ
 
Facebook
Mir Fateh Ali Shah
Islamic Preaching
Aayat of the Day
Teachings of Prophet Muhammad PBUH
   
قرآن پاڪ ڊائون لوڊ ڪريو
صحيح حديث ڊائون لوڊ ڪريو
ڊيسڪٽاپ گهڙي ڊائون لوڊ ڪريو
 
ڏسو اسلامڪ ٽي وي
 
 
 
a
 
Select Your Language
a مصنف: Mir Fateh Ali Shah | مترجم :- Ghulam Murtaza Khaskheli  
 
Share

يقين جي حقيقت

  a
اشاعت جي تاريخ 2010
 
عيد کانپوءِ مون کي پنهنجي آباڻي ڳوٺ چيلهه بند ۾ والد محترم سان گڏ ڪجهه بزرگن سان ملاقات جو موقعو مليو ، جن جو اچڻ منهنجي لاءِ مقدس هو ، محبتن جي انهيءَ ميڙاڪي منجهه هڪ ڪهاڻي منهنجي ڌيان جو مرڪز بڻجي وئي جيڪا هن مضمون جو مرڪز آهي .
ڪهاڻي
a

هڪ بادشاهه ڪنهن جهنگل مان گذري رهيو هو سندس نگاه هڪ بي حال فقير تي وڃي پئي بک ۽ اڃ جي لت سندس چهري کي موئن جي دڙي جي کنڊراتن جيان کوکلو ڪري ڇڏيو هو ، وکريل وار تن تي ميرا ڪپڙا ائين پئي لڳو جيئن ڪا ڪونج پنهنجي ولر کان وڇڙي هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي ڀٽڪي ٿڪي پئي هجي شاهد کيس هاڻي سواءِ موت جي ٻيو ڪنهن جو به انتظار نه هو. سو بادشاهه به ڪو رحمدل هو جنهن انهيءَ فقير کي محل ۾ وٺي هلڻ جو حڪم ڏنو محل ۾ پهچڻ کانپوءِ بادشاهه حڪم ڪيو ته فقير جي رهڻ جو فورن عمده بندوبست ڪيو وڃي ، بادشاهه جي حڪم جي تعميل ڪئي وئي پر حيراني جي ڳالهه اها آهي ته جڏهن شاهي دربار مان فقير لاءِ عمدو کاڌو آندو ويو ته فقير کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، گهڻن ڪوششن جي باوجود به جڏهن ڪجهه نه ٿيو ته دربارين بادشاهه کي چيو ، اي بادشاهه سلامت توهان جو مهمان ته ڪجهه کائي ئي نه ٿو.
آۡخرڪار بادشاه وڃي فقير کان وجهه پڇي ته هوءَ کاڌو ڇو نه ٿو کائي ؟
کاڌو پسند ناهي ڇا ؟
يا دربارين کان ڪا دل آزاري ٿي آهي؟
آخر ڳالهه ڪهڙي آهي ؟
فقير اهو چئي کاڌي کان پري ٿي ويو ته مان موت تي يقين رکان ٿو انهيءَ ڪري ڪجهه به کائڻ لاءِ دل نٿي چاهي.
بادشاهه کيس ڏاڍو پيار سان سمجهايو ته موت تي مونکي به يقين آهي ، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏجي . خير بادشاهه جي گهڻن منٿن تي فقير کاڌو کائڻ لاءِ راضي ٿي ويو ، گڏوگڏ فقير اها به گذارش ڪئي ته مرڻ کان پهرين آئون هڪ هفتو توهان جي سلطنت جو بادشاهه ٿيڻ چاهيان ٿو ، بادشاهه اها به ڳالهه مڃي ورتي ، ٻئي ڏينهن بادشاهه پنهنجي عوام ۽ دربارين اڳيان اهو اعلان ڪيو ته آئون هڪ هفتو آرام ڪرڻ چاهيان ٿو انهيءَ هڪ هفتي جي عرصي دوران هڪ فقير توهان جو بادشاهه هوندو .
فقير بادشاهه ٿيندي ئي هڪ عجيب و غريب حرڪت ڪري وڌي ، بادشاهه ٿيندي ئي هن حڪم جاري ڪيو ته پراڻي بادشاهه کي فورن گرفتار ڪري قيد ۾ رکيو وڃي ۽ هفتي کانپوءِ کيس ڦاهي ڏني وڃيس . فورن اڳوڻي بادشاهه کي گرفتار ڪري قيد ڪيو ويو، هوءَ روئيندو رڙندو دانهون ڪندو رهيو ته آخر منهنجو قصور ڇا آهي ؟ منهنجي احسانن کي ياد ڪر تون بکايل اڃايل هئين مون تنهجي سار لڌي ، تون اگهاڙو هئين مون تنهنجو بدن ڍڪيو ، تنهنجي خدمت لاءِ دربارين کي مقرر ڪيم ، ايتري قدر جو پنهنجي بادشاهي به توکي ڏيئي ڇڏيم ........... ليڪن وچاري جي هڪ به نه هلي .
نه ئي بادشاهه جي حڪم سان سندس لاءِ عمدو ۽ عاليشان کاڌو ملي ويو پر موت جي منجهاري کيس ماري ڇڏيو هو ، هو پنهنجو پاڻ کي برو ڀلو چوندو رهيو ، کيس پنهنجي ناداني ۽ غلطي تي وڏو پڇتاؤ ٿي رهيو هو ، پر پڇتاؤ ته آهي ئي پڇتاؤ جنهن جو ڪوبه حل ناهي.
جڏهن نئين بادشاهه کي انهيءَ ڳالهه جي خبر پئي ته هو پراڻي بادشاهه سان ملڻ لاءِ قيد خاني ويو .۽ هن کان کاڌو نه کائڻ جي وجهه معلوم ڪئي ته هن جواب ۾ چيو ته هڪ هفتي کانپوءِ مونکي ڦاهي اچڻ واري آهي ۽ توکي کاڌي جي لڳي آهي .
فقير جيڪو ان وقت بادشاهه هو سو مسڪرائيندي چوڻ لڳو ؛ سائين انهيءَ کي چوندا آهن يقين ........... توکي موت جو يقين اڄ ئي ٿيو آهي ، انهيءَ کان پهرين تون صرف اهو چوندو هئين ته آئون موت ۾ يقين رکان ٿو . هيءَ رهي تنهجي سلطنت ، تون ئي ان جو بادشاهه آهين ، مونکي ته صرف موت جي حقيقت کان آگاهه ڪرڻو هو . هاڻي مان هلان ٿو .
اهو سچ آهي ته اسان جي حالت به انهيءَ بادشاهه وانگر آهي اسان به مڃڻ لاءِ مڃون ٿا ته الله آهي ۽ مرڻ کانپوءِ اسانکي پنهنجي اعمالن سميت الله جي دربار ۾ پيش ٿيڻو آهي ، پر حقيقت اها به آهي ته اهو يقين اسانجي دلين ۾ ناهي موجود ،

جيڪڏهن هجي ها ته سوچيو توهان ڪنهنجو قتل ڇو نه ٿا ڪريو ؟
اگر جواب سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سوچيو اگر توهان ڪنهن جو قتل ڪندا ته انهيءَ جو انجام ڇا ٿيندو.؟ توهان ڪنهن آفيسر تي سندس آفيس ۾ هٿ ڇو نٿا کڻي سگهو ؟
ڇا توهان ريل جي پٽڙين تي انهيءَ وقت ليٽي سگهو ٿا جڏهن ساڳيئي وقت تي ساڳين پٽڙين تي ريل گاڏي اچي رهي هجي ؟
يقينن نه ............................... ٿورو سوچيو ............ ڇو نه ؟
ڇو جو جيڪڏهن توهان ريل جي انهن پٽڙين تي ليٽندا ته اهو توهانجي زندگي جو آخري لمحو هوندو اهو يقين ئي آهي جنهن جي طاقت توهانکي اهو ڪم ڪرڻ کان روڪي رهي آهي نه ته توهان اهو ڪم ڪڏهن ڪو ئي ڪري چڪا هجو ها ۽ پنهنجي زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ اجهائي ڇڏيو ها .
  
    Share this page Post To MySpace! Share To FriendFeed
a ساڳيو مضمون ٻين زبانن ۾
 
a urdu
 
a Siraiki
 
a sindhi
 
a Balochi
 
 
 
a ساڳئين موضوع تي وڌيڪ ڄاڻ
a Videos
a Articles
 
a Amun ka Raasta
a Apne Emaan ka Jaiza len
a یقین کیا ہے?
a امن کا راستہ
a اپنے ایمان کا جائزہ لیں
a HAK- HAK ORANG TUA DALAM ISLAM
a Parent's Rights in Islam
a يقين ڪيا هي؟
a آپڻي ايمان دا جائزه گهنو
a امن دا راسته
a اسلام ڪِيا هي
a رات کیوں ہوتی ہے؟
a يقين جي حقيقت
a امن جو رستو
a اسلام ڇا آهي؟
a یقین چھے؟
a وزی ایمان جائزہ گرے
a آپنے کبھی کل کو تلاش کیا ہے ؟
 
 
a توهانجي رائي
 
  نئون مضمون a
ڪعبة الله جي زيارت

چار هزار سال قبل اگر توهان موجوده ڪعبة الله شريف جي جڳهه تي نظر ڊوڙائيندا ته اتي سواءِ ننڍڙي دڙي جي ڪجهه به نه هو جيڪو پاڻي جي وهڪري جي سبب اڀري آيو

  سنڌي زبان ۾ ٻيا مضمون
ڪعبة الله جي زيارت
اسلامي دنيا جو اڏورو خواب
جنهن دل پيتا عشق دا جام
اعتڪاف لاء ضروري هدايتون
خدا جو تصور ڪٿان آيو؟
اسلام ڇا آهي؟
اي سنڌي نوجوانو
اوچو وه اوڀار
اچو قرآن جي طرف
امن جو رستو
قرآن کي سمجهڻ جو آسان طريقو
فرقيواريت جو انجام
فرقه پرستي کي روڪيو
يقين جي حقيقت
گونگن جي ڪچهري
اسلام جو آغاز ۽ هاڻوڪو زوال
جڏهن مان مديني ويس
پبلڪ اسڪول حيدرآباد جي ياد ۾
سر الطاف شيخ سان ملاقات
 
 
   
web counter